بابر اعظم ڀارت هٿان عبرتناڪ شڪست جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

احمد آباد ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي رولڊ ڪپ جي سڀ کان وڏي ٽاڪري ۾ ڀارت پاڪستان کي ست وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي، جڏهن ته بابر اعظم پاڪستان ٽيم جي شڪست جو سبب مڊل آرڊر بيٽرز کي قرار ڏئي ڇڏيو.

پچي جي پڄاڻي واري تقريب پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم چيو ته پاڪستاني ٽيم ڀارت کي سٺو هدف ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام رهي جنهن جو ڪارڻ مڊل آرڊر جو پرفارم نه ڪرڻ آهي.

هن چيو ته اسان جي ٽيم اننگز جي شروعات بهترين انداز ۾ ڪئي هئي پر شروعاتي رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ مڊل آرڊر مڪمل طور ناڪام ٿي ويو جنهن سبب ٽيم وڏو اسڪور ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.

بابر اعظم چيوته هاڻ اسان جو ڌيان شڪست کي وساري پنهنجي ايندڙ ميچن ۾ سٺو پرفارم ڪرڻ تي هوندو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.