اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين آئين جي آرٽيڪل 248 تحت سائفر ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڇوٽ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي جنهن ۾ ڪيس خارج ڪرڻ جي استدعا ڪيئ وئي آهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين ڪيس خارج ڪرڻ ۽ ٽرائل روڪڻ واريون درخواستون گڏائي عدالت ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪيو ۽ 16 آڪٽوبر تائين جواب طلب ڪري ورتو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب پيٽشنر جي وڪيل طرفان عدالت کي ٻڌايو ته آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ ۾ سيڪشن 5 لاڳو نٿو ٿئي، کيس آرٽيڪل 248 تحت ڇوٽ حاصل آهي.