”ٽائيگر 3“ ڪڏهن رليز ٿيندي؟ تاريخ جو اعلان ٿي ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سپر اسٽار سلمان خان جا مداح ميگا ايڪشن فلم ”ٽائيگر 3“ جو انتظار ڪري رهيا آهن ته جيئن اهي پنهنجي پسنديدهه اداڪار کي ايڪشن ۾ ڏسي سگھن.
فلم جي ٽيزر ۾ دبنگ خان، ڪترينا ڪيف ۽ عمران هاشمي مداحن جي بيچيني ۾ واڌارو ڪري ڇڏيو هو ۽ فلم جو ٽريلر 16 آڪٽوبر جاري ڪيو ويندو.
ڀارتي ميڊيا جي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ”ٽائيگر 3“ 12 نومبر تي آچر جي ڏينهن سڄي دنيا ۾ رليز لاءِ پيش ڪئي ويندي.
ذريعن موجب بالي ووڊ ۾ وڏين فلمن کي ڏياري کان پوءِ رليز ڪرڻ جو ٽرينڊ آهي پر يش راج فلمن سلمان خان جي فلم کي ڏياري جي ڏينهن رليز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
”ٽائيگر 3“ کي پنهنجي ڪاروبار لاءِ 12 کان 19 نومبر تائين موڪلن جا ڏينهن ملندا ۽ ان ۾ اها وڏا رڪارڊ بڻائي سگھي ٿي.
واضح رهي ته منيش شرما جي هدايتڪاري ۾ ٺهيل ان فلم ۾ بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان پنهنجي ڪردار ”پٺان“ سان گڏ خاص انٽري ڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.