عوامي آواز جي صحافي تي تشدد وارو معاملو، سنڌ ڪميشن فار پروٽيڪشن پاران پوليس ڪارڪردگي تي بي اعتمادي جو اظهار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عوامي آواز جي صحافي تي تشدد واري معاملو تي سنڌ ڪميشن فار پروٽيڪشن پاران پوليس ڪارڪردگي تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو ويو آهي.

سنڌ ڪميشن فار پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ادر ميڊيا پريڪٽيشنرز جو اجلاس ڪميشن جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ رشيد اي رضوي جي صدارت هيٺ ٿيو.

اجلاس ۾ ڪميشن سنڌ پوليس جي ڪردار تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي رستم انڍڙ، جان محمد مهر قتل ڪيس، زبير انجم، ايس ايم عسڪري، ۽ شفيق مهر جي معاملي تي به رپورٽ طلب ڪري ورتي.

اجلاس ۾ ڪميشن جي ميمبر ڊاڪٽر جبار خٽڪ پنوعاقل جي صحافي رستم انڍڙ تي بااثر ماڻهن پاران فرض سرانجام ڏيڻ دوران تشدد جو معاملو اٿاريو، جنهن تي ڪميشن لاڳاپيل ايس ايس پي کي فوري طور رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

اجلاس ۾ سکر جي صحافي جان محمد مهر جي قتل بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي ۽ قاتلن جي اڃا تائين گرفتاري نه ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ايس ايس پي سکر کي ايندڙ اجلاس ۾ اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.

ڪميشن جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ رشيد اي رضوي ڪميشن پاران طلب ڪيل رپورٽن ۾ دير تي صوبائي گهرو کاتي ۽ سنڌ پوليس جي روين تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو.

ڪميشن جي ميمبر ڪي يو جي جي صدر فهيم صديقي اجلاس کي ٻڌايو ته ڪراچي مان زبير انجم ۽ ايس ايم عسڪري جي اغوا سميت ٽن صحافين جي ڪيسن بابت آءِ جي سنڌ پوليس کان رپورٽ طلب ڪئي وئي هئي جيڪا اڃا تائين ڪميشن کي نه موڪلي وئي آهي.

هن چيو ته گهرو کاتو به ڪميشن جي حڪمن تي عمل ڪرڻ ۾ دلچسپي نه ڏيکاري آهي.

اجلاس ۾ ڪميشن جي چيئرمين جسٽس (ر) رشيد اي رضوي موجود گهرو کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري آفتاب بوزدار کان پڪ ڪرائي ته گهرو کاتي ان ڳالھه کي يقيني بڻائي ته ڪميشن آءِ جي سنڌ پوليس کان جيڪي رپورٽون طلب ڪيون آهن، اهي سموريون رپورٽون ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيون وڃن.

اجلاس ۾ ڳڙهي ياسين جي صحافي شفيق احمد مهر جي معاملي تي لاڳاپيل پوليس اختيارين کان رپورٽ طلب ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.

اجلاس ۾ سيڪريٽري اطلاعات سنڌ نديم الرحمٰن ميمڻ، سيڪريٽري قانون علي احمد بلوچ، سيڪريٽري هيومن رائٽس جاويد صبغت الله مهر، گهرو کاتي جو ڊپٽي سيڪريٽري آفتاب بوزدار، ايڇ آر سي پي جي ڪميشن جي ميمبر ڊاڪٽر توصيف احمد خان، اي پي اين ايس کان ڪميشن ميمبر قاضي عابد، ايپنڪ ميمبر فريد الدين ۽ ڪميشن سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر پريس انفارميشن حسن اصغر نقوي شرڪت ڪئي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.