هاڻي منهن تي موجود موهيڙن کان پريشان نه ٿيو

منهن تي داغا ۽ موهيڙا نڪرڻ ٻڌڻ ۾ ته عام ڳالهه لڳي ٿي پر اسان جي معاشري ۾ گھڻا ماڻهو خاص ڪري عورتن کي انهن جي ڪري گھڻيون نامناسب ڳالهيون ٻڌڻيون پونديون آهن.اهو ئي نه گھڻو ڪري اوهان جي ڀرپاسي ۾ موجود دوستبه مذاق ۾ اوهان جي چهري جي حوالي سان ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن.
موهيڙن مان متاثر کَلَ کي صاف ۽ تازو رکڻ لاءِ اوهان کي ڪجهه بهترين فيس واش جي ضرورت پوندي. ۽ ان لاءِ اوهان کي ڪجهه ڳالهين جو خيال رکڻو پوندو.
کَلَ لاءِ سٺو فيس واش استعمال ڪرڻ ضروري آهي ڇو جو اهو اوهان جي کَلَ جي کلين ۾ موجود تيل ۽ ٻي گدلاڻ کي ختم ڪري سگھن ٿا جيڪي داغن ۽ موهيڙن کي بند ڪرڻ ۽ داغن ۽ داڻن جي بڻجڻ جو سبب بڻجي سگھن ٿا.
بدقسمتي سان ان کَلَ جي مسئلي جو ڪو به فوري حل ناهي پر جيڪڏهن اسان منهن کي باقاعدگي سان ڌوئڻ شروع ڪري ڇڏيون ته ان سان اسان کي ان ڏکيائي مان ڇوٽڪارو ملي سگھي ٿو.
فيس واش جو باقاعدگي سان استعمال اوهان جي رنگ کي نکارڻ ۽ سوڄ کي گھٽائڻ ۾ مدد ڪندوآهي پر، کَلَ کي وڌيڪ خشڪ ڪرڻ کان بچڻ لاءِ، هڪ نرم، ڪيميڪل کان پاڪ ڪلينزر جو استعمال ڪرڻ ضروري آهي.
هتي اسان اوهان کي اهڙي فيس واش بابت ٻڌائي رهيا آهيون جيڪو موهيڙن جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ لاءِ بهترين ثابت ٿي سگھي ٿو.
موس فومنگ فيس واش (Derma Fique Acne Avert Cleansing)
اهو موهيڙن مان متاثر کَلَ لاءِ بهترين هوندو آهي ڇو جو اهو موهيڙا ٺاهيندڙ بيڪٽيريا جي خلاف وڙهي سگھي ٿو ۽ اوهان جي کَلَ کي گهرائي سان صاف ڪري سگھي ٿو. ان ۾ سيليسيلڪ ايسڊ شامل هوندو آهي، جيڪو کَلَ جي سار سنڀال جو هڪ مشهور جُز آهي. اهو خشڪ ۽ سڻڀي کَلَ ٻنهي قسمن لاءِ فائديمند آهي.
منهن نِم سان ڌوئو (Mamaearth Tea Tree)
فيس واش ۾ نِم هڪ اهم جُز هوندو آهي ان کي ان جي اينٽي بيڪٽيريل ۽ اينٽي سيپٽڪ خاصيتن لاءِ سڃاتو ويندو آهي جيڪو بيڪٽيريا جي انفيڪشن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي جيڪي موهيڙن جو سبب بڻبا آهن.
نيوٽروجنا تيل (Neutrogena Oil)
نيوٽروجينا تيل کان پاڪ موهيڙن جو فيس واش اوهان جي کَلَ کي وڌيڪ خشڪ ڪرڻ کانسواءِ گھري صفائي جا فائداپيش ڪندوآهي. ان فيش واش ۾ سيليسيلڪ ايسڊ هوندو آهي جيڪو موهيڙن جو مقابلوڪرڻ لاءِ هڪ طاقتور جُز آهي. ان جي تيل کان پاڪ فرمولو ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو آهي ته اهو موهيڙن کي بند نه ڪندويا سڻڀي کَلَ جي مسئلن ۾ اضافو نه ڪندو.
سيليسيلڪ ايسڊ %2 (salicylic Acid 2%)
اهڙو فيس واش استعمال ڪريو جن ۾ سيليسيلڪ ايسڊ موجود هجي جيڪو موهيڙن سان وڙهندڙن لاءِ گيم چينجر آهي. اهو موهيڙن ۾ داخل ٿيڻ، مُئل ک جي خلين کي خار ڪرڻ ۽ واضح رنگ کي هٿي ڏين لاءِ ڪم ڪندو آهي. سيليسيلڪ ايسڊ کانسواءِ ان ۾ ايل ايڇ اي ۽ زنڪ به شامل آهن جيڪي ان جي موهيڙن سان وڙهڻ جي خاصيتن کي وڌائيندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.