نواز شريف جي واپسي ڊيل تحت ٿيڻ جي دعويٰ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف دعويٰ ڪئي آهي ته ن ليگ قائد نواز شريف جي واپسي سمجهوتي تحت ممڪن ٿي آهي.
صحافين سان غير رسمي گفتگو ۾ راجا پرويز اشرف چيو ڪا اعتماد تازي ٿي هوندي تڏهن ته نواز شريف واپس اچي رهيو آهي، هاڻ نواز شريف جي صحت به ٺيڪ رهڻ گهرجي.
چونڊن بابت سوال تي هن چيو ته پ پ جو مزاج گهڻو ٿڌو ۽ بهتر رهيو آهي، جيڪڏهن پ پ ليول پليئنگ فيلڊ جي ڳالهه ڪري رهي آهي ته سمجهو واقعي ڪجهه ته آهي.
سندس چوڻ هو ته وفاق ۽ پنجاب جي ڪابينا ۾ ن ليگ جا ماڻهو شامل آهن، ن ليگ جا اڄ به سمورا ڪم ٿي رهيا آهن، اسان خلاف نيب جا ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا آهن، منهنجي خلاف نيب ڪيسن ۾ نيب وٽ ڪو ثبوت ناهي، ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.