اسرائيلي فوج جو 11 لک فلسطينن کي چويهه ڪلاڪن اندر غزا مان نڪري وڃڻ جو الٽيميٽم

غزا (ويب ڊيسڪ ) اسرائيل 11 لک فلسطينين کي 24 ڪلاڪن اندر غزا مان نڪري وڃڻ جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، اسرائيل طرفان گڏيل قومن جي اختيارين سان رابطن ۾ الٽيميٽم ڏيندي چيو ته غزا ۾ رهندڙ يارنهن لک فلسطيني چويهه ڪلاڪن اندر ڏاکڻي حصي منتقل ڪيو وڃي.

اسرائيلي ترجمان جوناٿن ڪونريڪس چيو آهي ته عام فلسطيني شهري اسان جا دشمن نه آهن.

اسرائيلي ترجمان جوناٿن ڪونريڪس موجب غزا ۾ حماس کي نشانو بڻائڻ لاءِ اسان شهرين جو گهٽ کان گهٽ نقصان چاهيون ٿا.

گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اڄ هنگامي اجلاس به طلب ڪيو ويو آهي، گڏيل قومن جي ترجمان چيو آهي ته 11 لک فلسطينين کي ڪڍڻ جو مطلب شهر جي اڌ آباديءَ کي نيڪالي ڏيڻ آهي.

گڏيل قومن موجب، بي گهر فلسطينن جو انگ چار لک ٽيويهه هزار تائين پهچي ويو آهي، اڄ رات لکين فلسطينين وٽ سمهڻ لاءِ ڇت ناهي، غزا ۾ انساني الميي کي منهن ڏيڻ لاءِ ويهه لک فلسطينين کي فوري امداد جي ضرورت آهي.

گڏيل قومن جي اداري اسرائيل کي غزا مان 11 لک فلسطينين کي نڪري وڃڻ وارو ڏنل الٽيميٽم واپس وٺڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي.

هوڏانهن حماس جي فوجي ترجمان ابو عبيده خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسرائيل زميني حملو ڪيو ته سندس فوج کي نيست ۽ نابود ڪري ڇڏينداسين.

اسرائيل تي حملن جي وڊيو جاري ڪندي حماس جي فوجي ترجمان دعويٰ ڪئي ته جنگ جي شروعات ۾ ئي اسرائيلي فوج جو غزا ڊويزن تباهه ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.