سنڌ ۾ ڪارن ۽ موٽرسائيڪلن ۾ ٽريڪر لڳائڻ جو فيصلو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ ۾ ڪارن ۽ موٽرسائيڪلن ۾ ٽريڪر لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

نگران وڏي وزير جسٽس(ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ امن امان بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ نگران صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري سميت ٻين لڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ گهرو سيڪريٽري اپيڪس ڪميٽي اجلاس ۾ ڪيل خاص فيصلن بابت بريفنگ ڏني.

گهرو سيڪريٽري بريفنگ ۾ ٻڌايو ته اسپيشل برانچ غيرقانوني پناهگيرن جي واپسي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ۽ غيرقانوني پناهگيرن جي مقامي ۽ ڪاروباري مرڪزن جي نشاندهي جو عمل جاري آهي جڏهن ته سندن واپسي لاءِ ٽرانسپورٽ ۽ ٻيو ضروري بندوبست ڪيو پيو وڃي.

اجلاس ۾ نگران وڏي وزير هدايت ڏني ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪومبنگ آپريشن لاءِ حڪمت عملي جوڙين.

نگران وڏي وزير پراسيڪيوٽر جنرل کي به غيرقانوني طور رهندڙ پناهگيرن جا ڪيس اڪلائڻ جي هدايت ڪئي.

ترجمان موجب، اجلاس دوران موٽرسائيڪل ۽ ڪارن ۾ ٽريڪر لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو .

اجلاس ۾ ٻڌايو ته سنڌ سرڪار موٽر وهيڪل آرڊيننس ۾ ضروري ترميمون ڪري چڪي آهي.

وڏي وزير چيو ته صنعت ۽ تجارت واري وزارت صوبي ۾ موٽرسائيڪل ۽ ڪارن ۾ ٽريڪر لڳائڻ کي لازمي قرار ڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.