احمد آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڪرڪيٽ شوقين احمد آباد ۾ 14 آڪٽوبر واري پاڪ-ڀارت مقابلي جو بي صبري سان انتظار ڪري رهيا آهن، اتي ٻئي پاسي ان ميچ لاءِ ڪرڪيٽ جي تاريخ جي غير معمولي سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا پيا وڃن.
ميچ واري ڏينهن اسٽيڊيم ۽ شهر ۾ يارنهن هزار کان وڌيڪ سيڪيورٽي اهلڪار حفاظت لاءِ مقرر ڪيا ويندا، واضح رهي ته عالمي ڪپ جي افتتاحي ميچ لاءِ 3500 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا پر پاڪستان ۽ ڀارت جي اهم ميچ لاءِ غير معمولي قدم کنيا پيا وڃن.
احمد آباد جي ايڊيشنل پوليس ڪمشنر چراغ ڪوارڊيا مقامي صحافين کي ٻڌايو ته ٻين ميچن جي ڀيٽ ۾ پاڪ-ڀارت مقابلي لاءِ تمام سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويندا، پوليس اينٽي ڊرون سسٽم جو به اتنظام ڪيو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، ممبئي پوليس کي ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ اي ميل ملي هئي جنهن ۾ ڪنهن اڻڄاتل شخص وزيراعظم نريندر مودي کي نقصان پهچائڻ ۽ احمد ڪرڪيٽ اسٽيڊيم کي بم سان اڏائڻ جي ڌمڪي ڏني هئي.
اي ميل ۾ڀارتي جيل ۾ قيد سنگين ڏوهن ۾ ملوث جوابدار لارنس بشنوئي کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو، جنهن تي ڪارروائي ڪندي ڪرائم برانچ اربع جي رات هڪ همراهه کي گجرات جي راجڪوٽ شهر مان گرفتار ڪري ورتو آهي.
ڪوارڊيا چيو ته احمد آباد پوليس هڪ باصلاحيت فورس آهي ۽ شهر ۾ فل پروف حفاظتي انتظام ڪيا پيا وڃن انڪري ڪنهن کي به اي ميل يا ڌمڪي کان ڊڄڻ جي ضرورت نه آهي.
هن وڌيڪ چيو ته اسٽيڊيم جي دروازي تي سيڪيورٽي جو جديد نظام هوندو، گاڏين، هوٽل ۽ گيسٽ هائوسز ۾ چيڪنگ ڪئي ويندي ۽ اسان جي مخصوص عنصرن تي نظر هوندي.