اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو فلسطينين کان غزا خالي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، جنهن تي روسي پيوٽن سخت ردعمل ڏنو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب روسي صدر ولاديمير پيوٽن اسرائيلي وزيراعظم جي مطالبي تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته فلسطينين جي زمين آهي جتي انهن کي رهڻو آهي، غزا فلسطين جي تاريخي سرزمين جو حصو آهي.
هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته غزا سميت آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻي پوندي، فلسطينين کي غزا پٽي مان نڪري مصر جي علائقي سنيائي وڃڻ جو چوڻ سان امن قائم نٿو ٿي سگهي.
واضح رهي ته اسرائيلي وزيراعظم غزا تي حملي جي ڌمڪي ڏيندي وارننگ ڏني هئي ته فلسطيني غزا خالي ڪري ڇڏين.
Next Post
You might also like