ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ هن وقت ڪروڙين ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن نوعيت جي ذهني مرضن جو شڪار آهن، صحت جي عالمي اداري موجب سڄي دنيا ۾ هڪ ارب جي ويجهو ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن دماغي عارضي جو شڪار آهن.
انهن بيمارين ۾ سڀ کان وڌيڪ ڊپريشن ۽ شيزوفرينيا آهن جن جي بنيادي سببن ۾ گھريلو ۽ معاشي حالتن سان گڏوگڏ والدين جو ڌيان نه ڏيڻ به شامل آهي.
ان حوالي سان هڪ خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ نفسيات جي پروفيسر ڊاڪٽر عظميٰ علي دماغي مرضن بابت ان جي علامتن ۽ علاج تي تفصيلي روشني وڌي.
هن ٻڌايو ته نئين نسل ۾ مقابلي جو رجحان وڌندو پيو وڃي ننڍي عمر ۾ ڇوڪرا ڇوڪريون پنهنجي مستقبل بابت سوچڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن ان دوران والدين کي گھرجي ته اهي هر طرح سان اولاد جي حوصلا افزائي ڪن.
انزائٽي مان مراد اها ڪيفيت آهي جيڪا اسان پريشانيءَ جي دٻاءَ يا خوف جي صورت ۾ محسوس ڪندا آهيون خاص طور تي اهڙين شين بابت جيڪي ٿيڻ واريون آهن يا اسان جي خيال ۾ مستقبل ۾ ٿينديون.
انزائٽي ڪڏهن ڪڏهن شديد قسم جي ناڪاري خيالن سبب به پيدا ٿيندي آهي ۽ ناڪاري خيال اچڻ پاڻ به هڪ ذهني پيچيدگي آهي.
ڊاڪٽر عظميٰ علي مرض جي علاج لاءِ ٻڌايو ته پنهنجي سوچ کي هاڪاري رکو ۽ ڪا به پريشاني هجي ته ان جو هر ممڪن مقابلو ڪريو ۽ مايوس نه ٿيو.
پنهنجن معاملن ۽ پريشاني کي خاص ۽ ويجهن ماڻهن سان ڊسڪس ڪريو ۽ ٻڌندڙن کي به گھرجي ته اهڙن ماڻهن جي ڳالهه غور سان ٻڌي انهن کي آٿت ڏين.