شُڀمَن گِل بعد هڪ ٻيو ڀارتي ڊينگي جو شڪار، اسپتال داخل

احمد آباد ( ويب ڊيسڪ ) مشهور ڀارتي ڪامنٽيٽر ۽ صحافي هرشا ڀوگلي به ڊينگي جو شڪار ٿي ويو آهي جنهن کانپوءِ هو هاڻ 14 آڪٽوبر تي شيڊيولڊ پاڪ-ڀارت ميچ ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو.

هرشا ڀوگلي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس ذريعي پنهنجي طبعيت بابت آگاهه ڪيو .

هرشا ڀوگلي مايوسي جو جو اظهار ڪندي لکيو ته هو ڊينگي وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي جنهن سبب 14 آڪٽوبر ٿيندڙ پاڪ-ڀارت ميچ ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو.

هن کيو ته مون کي اميد آهي ته ڀارت ۽ بنگلاديش وچ ۾ 19 هين آڪٽوبر تي ٿيندڙ ميچ کان اڳ صحتياب ٿي واپس اچي ويندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.