اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته عمران خان جي قيد يا آزادي جي حوالي سان مان مغل بادشاهه جيان ڪو فرمان جاري نٿو ڪري سگهان.
هڪ انٽرويو ۾ خيالن جو اظهار ڪندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان هڪ ترقي پذير جمهوريت آهي، جتي آئيني نظام موجود آهي ۽ هتي عدالتي طريقي ڪار جي پنهنجي اهميت آهي، ليول پليئنگ فيلڊ بابت ماضي ۾ به ماڻهو سوال اٿاريندا رهيا آهن ۽ اڄ به اٿاري رهيا آهن.
هن چيو ته عمران خان سميت ڪنهن به سياسي شخصيت بابت جيڪو به فيصلو ٿيندو، اهو عدالتي پراسيس جي نتيجي ۾ ٿيندو، جيڪڏهن عدالتي عمل جي نتيجي ۾ عمران خان کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ملي ٿي ته هو ڀلي حصو وٺي پر جيڪڏهن نه ته مان ڪيئن اها پابندي ختم ڪري سگهان ٿو؟
سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن موجب چونڊن جون تياريون مڪمل آهن ۽ چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ئي ٿينديون پر سيڪيورٽي جي حوالي سان ڪجهه خدشا آهن، جيڪي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.
ن ليگ جي نواز شريف لاءِ نرمي رکڻ بابت سوال تي نگران وزيراعظم چيو ته مان اهو تاثر مڪمل طور رد ڪيان ٿو، نگران وزيراعظم بڻجڻ کان اڳ مريم نواز سان منهنجي ملاقات ٿي ۽ ان معاملي ۾ غلط بياني نه ڪندس، عهدو سنڀالڻ کان اڳ بلاول، فضل الرحمان، آصف زرداري ۽ 9 مئي واقعن کان اڳ عمران خان سان به ملاقات ٿي.
انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته هڪ نگران حڪومت ڪنهن ڊيل جو حصو ڇو هوندي؟ نواز شريف جڏهن عدالتي فيصلي تي ٻاهر ويو ته ان وقت نه نگران سيٽ ۽ نه پي ڊي ايم جي حڪومت هئي پر ان وقت عمران خان جي حڪومت هئي.
You might also like