احمد آباد ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ-ڀارت ٽاڪري سبب هوٽلز جي ڀاڙن ۾ رڪارڊ واڌ کانپوءِ شوقين مبينا طور ميچ ڏسڻ اسپتالن ۾ بُڪنگ ڪرائڻ پهچي ويا آهن.
ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي اهم ميچ 14 آڪٽوبر تي احمد آباد ۾شيڊيولڊ آهي جنهن لاءِ ڪرڪيٽ پرستارن جو جوش ۽ جذبو عروج تي آهي، جڏهن ته شهر ۾ هوٽلن جا ڀاڙا آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، احمد آباد ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ جو بخار اسپتالن تائين پهچي پهچي ويو، شهر جي اسپتالن ۾ ڪرڪيٽ شوقينن پيهه لڳي پئي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ورلڊ ڪپ جي سڀ کان وڏي دنگل کان اڳ اسپتالن ۾ مبينا مريضن جي بُڪنگ جو انگ وڌي ويو ، مداح ميچ کان اڳ ڏينهن اڳ اسپتالن ۾ بُڪنگ ڪرائڻ لڳي ويا آهن.
واضح رهي ته مبينا مريض هوٽل جي ڀاڙن ۾ رڪارڊ واڌ سبب اسپتال ۾ ترسي پاڪ-ڀارت ميچ ڏسڻ جا خواهشمند آهن.
احمد آباد ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي صدر موجب، ڪجهه ڪيس اهڙا آيا آهن جنهن ۾ ميچ ڏسڻ لاءِ آيل شوقين طبي معائني جو جواز ڄاڻائي اسپتال ۾ بُڪنگ بابت پڇي رهيا هئا.
هن چيو ته اسان اهڙا ڪيس وٺڻ کان منع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته اسپتالون مريضن کانسواءِ ڪنهن ٻئي ماڻهو کي داخل ڪرائڻ لاءِ ناهن بڻيون.
ٻئي پاسي احمد آباد ۾ پاڪ-ڀارت ميچ جون جعلي ٽڪيٽون پڻ وڪرو ٿيڻ لڳيون آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب، پاڪ-ڀارت مقابلي جون جعلي ٽڪيٽون 25 ڀيرا وڌيڪ اگهه ۾ وڪرو ٿي رهيون آهن.
ڀارتي پوليس ڪارروائي ندي جعلي ٽڪيٽ وڪرو ڪندڙڻ چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.