پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ کان ڳائڻ وڄائڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ کان اڳ ميوزڪ تقريب منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ بالي ووڊ جي مشهور ستارن جي شرڪت جو امڪان آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب پاڪ-ڀارت ميچ کان اڳ 14 آڪٽوبر تي احمد آباد ۾ ميوزڪ جي تقريب منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ سچن ٽنڊولڪر، رجني ڪانٿ، اميتاڀ بچن ۽ ارجيت سنگهه شرڪت ڪندا.

تقريب 12:40 PM تي شروع ٿيندي ۽ 1:10 PM تي ختم ٿيندي.

ياد رهي ته آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2023ع جي شروعات افتتاحي تقريب سان نه ٿي هئي پر هاڻ ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته بي سي سي آءِ 14 آڪٽوبر تي پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ جي موقعي تي موسيقي جي تقريب منعقد ڪرڻ چاهي ٿي.

ڀارتي ميڊيا موجب پاڪ-ڀارت ميچ ڏسڻ لاءِ اسٽيڊيم ۾ اهم شخصيتن جي آمد جو امڪان آهي، جڏهن ته 20 کان 25 پاڪستاني صحافي به ميچ ڏسڻ لاءِ ايندا.

ان دوران پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت خلاف ميچ لاءِ اربع تي چارٽرڊ فلائيٽ ذريعي احمد آباد پهچي وئي.

قومي ڪرڪيٽر اڄ آرام ڪندا ۽ خميس ۽ جمعي تي ٽريننگ ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.