ميهڙ: واپڊا هائڊرو اليڪٽرڪ يونين جو ملازمن جا مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف احتجاج

ميھڙ ۾ واپڊا ھائڊرو اليڪٽرڪ يونين پاران جبري بدلين ، موڪلون بحال نه ڪرڻ ۽ فڪس پي تي ڀرتيون ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

ڊويزنل چيئرمين حسين جتوئي ، سعيد ڪلھوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سيپڪو آفيس اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سيپڪو ۾ جبري بدلين جو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي ملازمن کي سرڪل ۾ بدليون ڪيون پيون وڃن، اسان جي ڇنڇر ۽ آچر واري موڪل ختم ڪئي وئي آھي ۽ ملازمن جي ڀرتيون فڪس پي تي ڪيون پيون وڃن.

ھنن گھر ڪئي تہ واپڊا ملازمن جون جبري سرڪل وائيز بدليون روڪي ، ختم ڪيل موڪلون بحال ڪري ڀرتين واري عمل کي بھتر ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.