فلسطينين سان همدردي آهي پر ڪنهن به يهودي جو نقصان نٿي چاهيان: جي جي حديد

فلسطينين جي سرعام حمايت ڪندڙ آمريڪي ماڊل جي جي حديد فلسطين ۽ اسرائيل جي تازين جهڙپن تي بيان جاري ڪيو آهي.
سپر ماڊل جي جي حديد انسٽاگرام تي هڪ بيان جاري ڪندي چيو ته مان انهن سڀني ماڻهن بابت سوچي رهي آهيان، جيڪي ان خوفناڪ سانحي سان متاثر ٿيا آهن، ان تڪرار سبب روز قيمتي جانيون ضايع ٿي رهيون آهن، جن ۾ اڪثر ٻار آهن.
هن چيو ته مون کي فلسطينين جي جدوجهد ۽ قبضي تحت زندگي تي گهري همدردي آهي ۽ مان دل شڪسته آهيان، هڪ ذميواري آهي، جنهن کي مان روز نڀائيندي آهيان.
جي جي حديد وڌيڪ چيو اهو واضح ڪري ڇڏيان ته پنهنجي يهودي دوستن لاءِ به ذميواري محسوس ڪيان ٿي، جيئن مان اڳ به ڪيو آهي، توڙي جو مان فلسطين لاءِ اميدون ۽ خواب رکان ٿي پر ان لاءِ مان ڪنهن به يهودي جو نقصان نٿي چاهيان.
سندس چوڻ هو ته جن معصوم فلسطينين ۽ يهودين جا پيارا هن تڪرار جو شڪار بڻيا آهن، مان انهن سڀني سان گهري تعزيت ڪيان ٿي، هر شخص ۾ مختلف جذبا ٿي سگهن ٿا پر اهو ياد رکڻ ضروري آهي ته هر انسان کي بنيادي حقن، منصفاڻي ورتاءَ ۽ تحفظ تائين پهچ حاصل هجڻ گهرجي، ڀلي اهو ڪهڙي به قوم، مذهب يا نسل جو هجي.
هن آخر ۾ چيو مان ڄاڻان ٿي ته منهنجا لفظ گهڻن ماڻهن جي ڦٽن تي مرهم لڳائڻ جا متبادل نٿا ٿي سگهن پر مان سدائين معصوم جانين جي زندگين لاءِ دعاڳو آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.