ڪوٽڙي: سول جج جو ٿاڻي تي ڇاپو، ناحق بند بڻايل نينگر بازياب

ڪوٽڙي ۾ سول جج ٿاڻي تي ڇاپو هڻي ناحق بندي بڻايل نينگري کي بازياب ڪرائي ورتو.

سيشن جج ڄامشورو جي حڪم تي فرسٽ سول جج اينڊ مئجسٽريٽ ڪوٽڙي مختيار جکراڻي ڪوٽڙي ٿاڻي تي ڇاپو ھڻي 3 ڏينھن کان ناحق بندي بڻايل نينگر مزمل جتوئي کي بازياب ڪرائي ورتو.

نينگر جي ماء مسمات نظيران سيشن جج ڄامشورو وٽ درخواست داخل ڪرائيندي ڄاڻايو ھو ته ڪوٽڙي پوليس سندس پٽ کي بنا جواز گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو ۽ ھاڻ کيس ڇڏڻ لاء رشوت طلب ڪري رھي آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.