هونڊا ”سي جي 125 ايس گولڊ“ جي خواهشمندن لاءِ وڏي سهولت متعارف

لاهور (ويب ڊيسڪ) اٽلس هونڊا ”سي جي 125 ايس گولڊ“ لاءِ بنا وياج قسطن جي سهولت متعارف ڪرائي ڇڏي.
تازو لانچ ٿيندڙ ان موٽر سائيڪل جي قيمت ٻه لک 92 هزار 900 رپيا آهي پر هاڻ بئنڪ الفلاح جا الفامال جا ڪسٽمرز اها بائيڪ روڪ رقم بدران ان ئي قيمت ۾ 3 مهينن، 6 مهينن، هڪ سال ۽ ڏيڍ سال جي قسطن تي به وٺي سگهن ٿا.
ان حوالي سان الفامال جي ويب سائيٽ تي موجود ڄاڻ موجب 3 مهينن ۽ 6 مهينن جي قسطن تي 3 سيڪڙو ۽ 9 مهينن، هڪ سال ۽ ڏيڍ سال جي قسطن تي 5 سيڪڙو پروسيسنگ فيس لاڳو هوندي.
بڪنگ کانپوءِ بائيڪ 15 کان 20 ڏينهن ۾ ڊليور ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.