جروار ۾ پاڪستان ڪسان مزدور تحريڪ پاران اسرائيل جي فلسطين مٿان جارحيت خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.
پاڪستان ڪسان مزدور تحريڪ جي اڳواڻن علي نواز جلباڻي، شريف مهر ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاھرو ڪري فلسطيني مسلمانن سان يڪجھتي جو اظھار ڪيو ويو آهي.
ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته اسرائيل پاران فلسطينين کي بي گناھ ٽارگيث بڻائي قتل ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ اسرائيل جي ظلم خلاف عالمي سطح تي سگھارو آواز اٿاريو وڃي.
هنن مطالبو ڪيو ته فلسطين مٿان اسرائيل جي جاري حملن کي روڪي فلسطين کي آزاد ڪرايو وڃي.