ڪنڌڪوٽ ۽ نوشهري فيروز ۾ فلسطين تي اسرائيلي جارحيت خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن.
ڪنڌڪوٽ ۾ شيعاء علماء ڪونسل جي مرڪزي سڏ تي ڪارڪنن پاران مولانا ادب حسين نجفي، بشير حيدري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ان موقعي تي احتجاج ڪندرن جو چوڻ هو ته اسرائيلي بي گناهه فلسطينين تي مبمباري ڪري عورتن ۽ ٻارن کي شهيد ڪري رهيو آهي پر عالمي دنيا ۽ گڏيل قومون خاموش آهن جڏهن ته پاڪستاني حڪمران به سگھارو آواز ناهن اٿاري رهيا.
ڊسٽرڪٽ بار نوشھرو فيروزجي وڪيلن پاران به فلسطينين جي حق ۾ عدالت ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي آهي.
ان موقعي تي ميڊيا سنڌ بارجي ميمبر عبدالستار لھراڻي ۽ ٻين جو چوڻ هوته اسرائيل ۽ آمريڪا ڳٺ جوڙ ڪري فلسطيني مسللمانن جو رت چوسي رھيا آھن، فلسطيني عورتن ۽ ٻارڙن جا چچريل لاش ڏسي دل رت جا ڳوڙھا روئي ٿي پر مسلمان دنيا خاموش ويٺل آهي.
هنن چيو ته فلسطيني پنھنجي ملڪ جي بقا جي جنگ وڙھي رهيا آهن،مسلمان ملڪ فلسطين جي ڀرپور حمايت ڪن.
احتجاج ڪندڙن گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو آهي ته فلسطين مٿان اسرائيلي بمباري روڪرائي فلسطينين کي پنهنجا حقن ڏنا وڃن.