ڀان سيد آباد ڀرسان ڳوٺ آبساڻي جي رهواسين حملو ڪندڙن جوابدارن جي گرفتار لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.
ڳوٺاڻن ديدار، سائين ڏنو، محمد شريف اوڍاڻو ۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته ڪجه ڏينهن اڳ ڏيپر جي هٿياربندن غلام قادر، حاجي خان ، امام بخش ۽ ٻيا بنا جواز حملو ڪري اسان جي نينگر شهمير ڏيپر، مسمات حسينا خاتون سميت 4 ڄڻن زخمي ڪري فرار ٿي ويا هئا ڀان ٿاڻي تي ايف آر داخل ڪرائڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري رهي.
هنن چيو ته جوابدار اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جنهن سبب خونريزي جو خدشو آهي، جوابدار اسان کي هيسائي ڳوٺ مان لڏائي اسان جي زمينن تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا.
احتجاج ڪندڙن سنڌ جي وڏي وزير، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.