ٿلهائپ جي ڪري ڪروڙين رپيا ڪمائي ٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٿولهه ته ڪنهن جي لاءِ به سٺي ناهي هوندي ڇو ته ان سان بيماريون جنم وٺنديون آهن پر آمريڪا جي رهواسڻ جيلن چيني پنهنجي ٿلهائپ جي ڪري هر سال ڪروڙين رپيا ڪمائي رهي آهي.

جيلن ايڏي ٿلهي آهي جو هوائي جهاز جي سيٽ تي به ناهي ويهي سگهندي ۽ هاڻي هن مطالبو ڪري ڇڏيو آهي ته هوائي جهازن ۾ ٿلهن ماڻهن لاءِ وڏيون سيٽون رکيون وڃن ۽ اهي به مفت ۾ هجن.

هن عورت کي سڀ تنگ ڪندا هئا پر هن پنهنجي ٿلهائپ کي ئي ڪمائي جو ذريعو بڻايو.

کيس ڳالهائڻ ٻولهائڻ سٺو ايندو آهي ۽ پوءِ هن سوشل ميڊيا جو سهارو ورتو جتي ٽڪ ٽاڪ تي سندس لکين فالوورز ٿي ويا آهن.

هن انڪشاف ڪيو ته سندس ٿلهائپ جي ڪري هن جا گوگل، ميڪڊونلڊز، آفٽر پي، پوش مارڪ ۽ هلٽن هوٽلز سان معاهدا ٿي ويا آهن جن ذريعي هو هر مهيني گهر ويٺي ڪمائيندا آهي.

يقينن هو انهن لاءِ وڊيوز ٺاهيندي هئي ۽ ٿلهن ماڻهن بابت آگاهي ڏيندي رهندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.