پاڪستان ورلڊ ڪپ جو سڀ کان وڏو هدف حاصل ڪري تاريخ لکي ڇڏي

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ جي اٺين ميچ ۾ پاڪستان سريلنڪا خلاف عبدالله شفيق ۽ محمد رضوان جي شاندار سينچرين جي مدد سان ورلڊ ڪپ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو هدف حاصل ڪري تاريخ لکي ڇڏي.
پاڪستان سريلنڪا طرفان مليل 345 رنسن جو هدف 4 وڪيٽن جي نقصان تي 49هين اوور ۾ پورو ڪيو، عبدالله شفيق 113 ۽ محمد رضوان 131 رنسون ٺاهيون.
345 رنسن جو هدف ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ ڪنهن به ٽيم طرفان ڪاميابي سان حاصل ڪيل سڀ کان وڏو هدف آهي.
ان کان اڳ 2011 جي ورلڊ ڪپ ۾ آئرلينڊ انگلينڊ خلاف 329 رنسن جو هدف ڪاميابي سان حاصل ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.