عبدالله ۽ رضوان جون سينچريون، پاڪستان سريلنڪا کي هارائي مسلسل ٻي ڪاميابي ماڻي ورتي

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان سريلنڪا کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٻي ڪاميابي ماڻي ورتي.
سريلنڪا طرفان مليل 345 رنسن جو هدف گرين شرٽس 4 وڪيٽن جي نقصان تي 10 بال اڳ ۾ پورو ڪري ورتو.
پاڪستان طرفان امام الحق ۽ عبدالله شفيق اننگز اوپن ڪئي پر امام الحق 12 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، ان کانپوءِ ڪپتان بابر اعظم به گهڻي دير وڪيٽ تي نه بيهي سگهيو ۽ 10 رنسن ٺاهي پويلين موٽي ويو.
ان موقعي تي محمد رضوان ۽ عبدالله شفيق ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ٽيم کي ڏکيائين مان ڪڍيو ۽ ٻنهي شاندار سينچريون اسڪور ڪيون.
عبدالله شفيق 103 بالن تي 3 ڇڪن ۽ 10 چوڪن جي مدد سان 113 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته محمد رضوان 131 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، سندس اننگز ۾ 3 ڇڪا ۽ 8 چوڪا شامل هئا.
ٻين رانديگرن ۾ سعود شڪيل 31 ۽ افتخار احمد 22 رنسون ٺاهيون.
ان کان اڳ سريلنڪا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 344 رنسون ٺاهيون، ڪوشال مينڊس 122، جڏهن ته سمارا وڪرما 108 رنسن جي اننگز کيڏي.
پاڪستان طرفان حسن علي بهترين بالنگ ڪرائيندي 4، حارث رئوف 2، شاهين آفريدي، محمد نواز ۽ شاداب خان هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.