سنڌ حڪومت ڪتا کسي ڪرڻ ۾ ناڪام

ڪراچي (رپورٽ: جي ايم کوکر) سنڌ ۾ ڪتا کسي ڪرڻ واري منصوبو رولڙي جو شڪار ٿيڻ لڳو، َ الڪيشن ڪميشن جي بندش سبب پروجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر نه ٿي سگهيو.

مڪاني کاتي جي ماتحت اداري ڪلڪ ۾ڪتاکسي ڪرڻ واري منصوبي لاءَ الڪيشن ڪميشن جي بندش سبب پروجيڪٽ ڊائريڪٽر”پي ڊي“ جي مقرري نه ٿي سگهي آهي جنهن سبب سنڌ ۾ هڪ لک ڪتا کسي ڪرڻ وارو منصوبو هڪ دفعو وري رولڙي جو شڪار ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي.

نالو ظاهر نه ڪرڻ تي ڪلڪ ۾ مقرر آفيسرن روزاني عوامي آواز کي ٻڌايو ته ڪتا کسي واري منصوبي لاءَ پي ڊي جي مقرري ٿيڻ واري هئي جيڪا ڪي ايم سي مان هڪ عورت کي فائنل ڪيو ويو هو پر اليڪشن ڪميشن طرفان مڪاني چونڊن واري مرحلي سبب مقررين ۽ بدلين تي پابندي وجهڻ ڪري اها مقرري نه ٿي سگهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.