هڏن جي مضبوطي لاءِ ”خشڪ آلوبخارا“ کائو

”ايڊوائيزز ان نيوٽريشن“ ۾ ڇپيل هڪ جائزري ۾ چيو ويو آهي ته خشڪ آلوبخارا وڏي عمر جي عورتن ۾ هڏن جي ڀرڻ کي روڪڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
وڏي عمر جي عورتن ۾ هارمون ”ايسٽروجن“ جي کوٽ ٿي ويندي آهي جنهن سان سوڄ ۽ آڪسيڊيٽو اسٽريس کي هٿي ملندي آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ هڏا ڪمزور ٿيڻ لڳندا آهن، فريڪچرز جو خطرو به وڌي ويندو آهي.
پنسلوانيا اسٽيٽ يونيورستي جي پروفيسر آف نيوٽريشنل سائنسز اينڊ فزيولوجي ڪوني راجرز جو اهو به چوڻ آهي ته خوراڪ ۾ آلوبخارن کي شامل ڪرڻ سان هڏن جي ڀرڻ جو عمل ستت ٿي سگھي ٿو ۽ اهو به ممڪن آهي ته هڏا نئين سر ٺوس ٿيڻ لڳن.
رسرچ ٽيم پنهنجي تحقيق ۾ اهو ڏيکاريو آهي ته آلوبخارا کائڻ سان آڪسيڊيٽو اسٽريس ۽ سوڄ گھٽجي وئي ۽ هڏا مضبوط ٿي ويا.
ڪلينيڪل ٽرائلز ۾ اهو ڏٺو ويو ته سڄو سال روز 10 آلوبخارا کائڻ سان ٻانهن ۽ ڪرنگهي جي هيٺين حصي جي هڏن ۾ معدنيات جو اضافو ٿي ويو.
ان کانسواءِ اضافي طور تي روز 50 کان 100 گرام آلوبخارا 6 مهينن تائين کائڻ سان هڏن جي ڀرڻ جو نقصان مڪمل طور تي بيهجي ويو. رسرچ جا اهي نتيجا خاص طور تي 50 سالن کان وڌيڪ عمر جي عورتن لاءِ غور هيٺ آهن ڇو جو عام طور تي انهن ۾ ئي هڏن جي ڀرڻ جي بيماري ”اوسٽيوپوروسس“ جي سڃاڻپ ٿيندي آهي.
اها هڪ اهڙي بيماري آهي جنهن ۾ هڏا ڪمزور ٿي ويندا آهن. سڄي دنيا ۾ ان مرضن مان 20 ڪروڙ عورتون متاثر ٿينديون آهن ۽ هر سال ان جي ڪري 90 لک هڏن جا فريڪچرز ٿيندا آهن.
پروفيسر ميري جين ڊسوزا چوي ٿي ته ”اهي ميوا ۽ ڀاڄيون جيڪي بايو ايڪٽو مُرڪبن مثلن فينولڪ ايسڊ، فليونوئڊز ۽ ڪيروٽونوئڊز سان ملامال هونديون آهن، اوسٽوپوروسس کان تحفظ فراهم ڪري سگھن ٿيون ۽ آلوبخارن کي ان ۾ سٺي اهميت حاصل آهي.
آلوبخارن ۾ اهم معدني جُز، فائبر ۽ فينولڪ مُرڪب هوندا آهن جيڪي سوڄ ۽ آڪسيڊيٽو اسٽريس سان سٺي طرح مقابلو ڪندا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.