ڀلي ڇا به ڪيو پر گڏ هجو! ماهرن جي زال مڙس کي انوکي راءِ

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) ماهرن نئين تحقيق ۾ دلچسپ دعويٰ ڪئي آهي ته زال مڙس جو هڪ ٻئي سان گڏ وقت گذارڻ سندن صحت لاءِ گھڻو فائديمند آهي، ڀلي اهي ان وقت هڪ ٻئي سان جهيڙو ڇو نه ڪري رهيا هجن.
رپورٽ موجب يونيورسٽي آف نارٿ ڪيرولائنا جي ماهرن جي تحقيق ۾ خبر پئي آهي ته جيڪي ماڻهو اڄ پنهنجي ساٿي سان جيترو وقت گذاريندا، ٻئي ڏينهن انهن جي جسم ۾ ”سي ري ايڪٽو“ (انفليميشن جي هڪ علامت) جي ليول اوتري ئي گھٽ هوندي.
ماهرن ان تحقيق ۾ 100 جوڙن تي تجربا ڪيا ۽ نتيجن ۾ ٻڌايو زال مڙس جو واسطو ڀلي ڪيئن به هجي، انهن جو هڪ ٻئي جي ويجهو رهڻ ٻنهي جي صحتلاءِ گھڻو فائديمند هو آهي. ان تحقيق جا نتيجا طبي رسالي ”برين، بيهيوئير اينڊ اميونٽي“ ۾ ڇپيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.