صدارتي محل ۾ سنڌ جي تباهيءَ جا فيصلا ٿي رهيا آهن: سيد زين شاهه

ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته گرين پاڪستان جي نالي تي سنڌ کي بنجر بڻائڻ قبول ناهي.
ڄامشوري ۾ سنڌو درياهه بچايو تحريڪ جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي سيد زين شاهه چيو ته اجلاس ۾ اڳتي جي حڪمت عملي جوڙي وئي.
هن چيو ته گرين پاڪستان جي نالي تي سنڌ جي زمينن کي بنجر ۽ باهه ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، سسٽم ۾ پاڻي موجود ئي ناهي ته ڪئنال ڇو پيا ٺاهيا وڃن.
هن چيو ته پ پ جي سياست منافق تي ٻڌل آهي، سنڌ جي پاڻي تي ڪنھن کي به ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين، زرداري ۽ ان جي مافيا سنڌ کي هڪ سئو سال پوئتي ڪري ڇڏيو آهي.
سندس چوڻ هو ته صدر زرداري وٽ اختيار ئي ناهن جو هو ڪئنال ٺاهڻ جي ڳالھه ڪري، صدارتي محل ۾ سنڌ جي تباهي جا فيصلا ٿي رهيا آهن، جيڪو عمل برداشت نه ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.