اسرائيل ۾ سائرن وڄي ويا، حماس جو عسقلان واسين کي شهر ڇڏڻ جو الٽيميٽم

غزا (ويب ڊيسڪ) حماس عسقلان جي رهواسين کي شهر ڇڏڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
غزا تي اسرائيل جي حملن جي جواب ۾ حماس اسرائيلي شهر عسقلان تي حملي جي ڌمڪي ڏيندي رهواسين کي شهر ڇڏڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
حماس ٽيليگرام تي هڪ پوسٽ ۾ خبردار ڪيو آهي ته غزا جي پٽي جي اترئين شهر جي رهواسين کي الٽيميٽم ڏنو پيو وڃي ته اهي شهر خالي ڪري ڇڏين.
اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته تل ابيب سميت سڄي اسرائيل ۾ سائرن وڄايا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.