شاهه رخ خان سان نه ڀيٽڻ تي بُرو لڳندو آهي: شاهد ڪپور

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار شاهد ڪپور چيو آهي ته شاهه رخ خان سان نه ڀيٽڻ پسند ناهي.
هڪ تازي انٽرويو ۾ بالي ووڊ جي اسٽار شاهد ڪپور چيو ته شاهه رخ کي پسند ڪندو آهيان پر ان جي باوجود ميگا اسٽار سان پنهنجي نه ڀيٽڻ تي برو لڳندو آهي. اهڙين ڳالهين سان اهڙو شخص دٻاءَ ۾ اچي ويندو آهي جيڪو بالي ووڊ ۾ پنهنجي ڌار سڃاڻپ ۽ نالو بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هجي.
شاهد ڪپور وڌيڪ چيو ته اوهان کي پنهنجي جدوجهد سان اهڙو ڪم ڪرڻ گھرجي جو ماڻهو ڪنهن به سپر اسٽار جي مداح هجن اُهو به اوهان جي تريف ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن. ڪو به ڪنهن ٻئي مشهور شخص جو پاڇو ڇو بڻجڻ چاهيندو. هر شخص جو پنهنجو ڌار انداز ۽ شخصيت هوندي آهي.
اداڪار چيو ته ڪيريئر دوران ڪيترن ئي موقعن تي ميگا اسٽار شاهه رخ خان سان نه ڀيٽڻ مون لاءِ بدترين ڳالهه هئي جتيوڻيڪ آئون سندس پرستار آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.