پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي نگران حڪومت سرڪاري کاتن ۾ خدمتون انجام ڏيندڙ سرڪاري ملازمن کي ٻٽي الائونسز جي ادائيگي روڪڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
نگران حڪومت طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڊيپوٽيشن تي سول سيڪريٽريٽ ۾ خدمتون انجام ڏيندڙ ملازم يا ته سيڪريٽريٽ ڪارڪردگي الائونس وٺن يا وري اهي ڊيپوٽيشن الائونس جي سهولت حاصل ڪري سگهن ٿا.
ناڻي کاتي ايم ايس ڊگري رکندڙن کي ايم فل الائونس جي ادائيگي جو به نوٽيس وٺندي ان کي روڪڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته ايم فل الائونس رڳو ايم فل جي ڊگري رکندڙن کي ادا ڪيو وڃي، اهو الائونس ايم ايس يا ڪنهن ٻي ڊگري تي نٿو ڏئي سگهجي.
ناڻي کاتي غلط طريقي سان ڄاڻايل الائونس حاصل ڪندڙن ملازمن کان سختي سان ريڪوري جي به هدايت جاري ڪري ڇڏي.
You might also like