ورلڊ ڪپ: بنگلاديش کي دفاعي چيمپيئن انگلينڊ هٿان شڪست

ڌرمشالا (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي ستين ميچ ۾ دفاعي چيمپيئن انگلينڊ، بنگلاديش کي 137 رنسن تان شڪست ڏئي ايونٽ ۾ پهرين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.

انگلينڊ جي 365 رنسن جي جواب ۾ بنگلاديشي جي ٽيم 49 هين اوور ۾ 227 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

بنگلاديش طرفان لٽن داس 76 رنسن جي ٽاپ اننگز کيڏي ٻين رانديگرن ۾ مشفرق الرحيم 51 ۽ توحيد ردوئي 39 رنسون ٺاهي سگهيو.

انگلينڊ جي ريسي ٽوولي 4، ڪرس ووڪس 2، سيم ڪُرن، مارڪ ووڊ، عادل رشيد ۽ ليام ليونگسٽن 1،1 وڪيٽ حاصل ڪئي.

هماچل پرديش ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ بنگلاديش ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.

انگلينڊ مقرر 50 اوورن ۾ شاندار راند جو مظاهرو ڪندي ڊيوڊ ملان جي 140 ۽ جو روٽ جي 82 رنسن جي مدد سان نوَ وڪيٽن جي نقصان تي 364 رنسون ٺاهيون.

بنگلاديش طرفان مهدي حسن چار جڏهن ته شريف السلام ٽي وڪيٽون حاصل ڪيون.

شاندار سينچري اسڪور تي ڊيوڊ ملان کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.