بجلي جو بل گهڻو اچڻ تي ننڍي ڀاءَ هٿان وڏو ڀاءُ قتل

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) بجلي جو بل گهڻو اچڻ تي ننڍي ڀاءَ ڇري جا وار ڪري پنهنجي وڏي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جوابدار غلام فريد کي گرفتار ڪري ورتو.
فيصل آباد واسي محمد قيس جي گهر جو بجلي بل وڌيڪ آيو ته هن بل جي ادائيگي لاءِ ننڍي ڀاءَ کان پئسا گهريا.
گهر ۾ هڪ ئي ميٽر هو ۽ ٻئي ڀائر اڌ اڌ بل ڀريندا هئا، بل جي معاملي تي ٻنهي ڀائرن ۾ جهيڙو ٿيو ۽ ڪاوڙ ۾ اچي ننڍي ڀاءَ ڇري جا وار ڪري وڏي ڀاءَ کي ماري ڇڏيو.
پوليس موجب واقعي جو ڪيس مقتول جي بيواهه جي فرياد تي بلوچني ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو ۽ جوابدار غلام فريد کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.