وڏي خبر، سون جي اگهه ۾ 15 هزار رپين کان وڌيڪ لاٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ هزارين رپين جي لاٿ ٿي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سون جا اگهه 12 سيپٽمبر کانپوءِ اڄ جاري ڪيا ويا آهن.
12 سيپٽمبر کان في تولي سون جي قيمت 15 هزار 500 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ هڪ لک 99 هزار 500 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 13 هزار 546 رپيا سستو ٿي هڪ لک 71 هزار 39 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 55 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 1856 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.