موت جي اڳڪٿي بعد نجومڻ جو چاڪليٽ کائيندڙ عورت فوت

چاڪليٽ کائڻ ڪنهن کي پسند ناهي، ننڍپڻ گذرڻ باوجود ڪجهه ماڻهن جو اهو شوق وقت سان گڏ وڌيڪ وڌندو ويندو آهي،پر ڪنهن کي خبر هئي ته اهو شوق اوهان کان حياتي به کسي سگھي ٿو.

27 ورهين جي برازيلين عورت مقامي خانه بدوش نجومي وٽ وئي جنهن هن جي فوري موت جي اڳڪٿي ڪئي ۽ هڪ ڏينهن بعد ئي عورت فوت ٿي وئي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب برازيلين عورت فرنينڊا سلواوالوز ڊاڪروز پنٽو هلندڙ مهيني هڪ مقامي نجومڻ عورت وٽ پنهنجي مستقبل بابت پڇڻ وئي هئي، جنهن تي نجومڻ سندس موت جي اڳڪٿي ڪئي ۽ کيس هڪ چاڪليٽ به ڏنو.

عورت گھر موٽي آئي ۽ چاڪليٽ کاڌو ته ان کان پوءِ سندس طبيعت خراب ٿيڻ شروع ٿي وئي، کيس مٿي ۾ ۽ پيٽ ۾ شديد سور جي شڪايت شروع ٿي وئي. ان کانسواءِ نڪ مان رت وهڻ، ۽ تمام گھڻي ٿُڪ جي شڪايت سبب کيس فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

علاج دوران پنٽو پنهنجي ڀيڻ کي ٻڌايو ته هڪ هٿ پڙهندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سندس موت جي اڳڪٿي ڪئي ۽ کيس هڪ چاڪليٽ ڏنو، جنهن کي هن کاڌو ۽ چاڪليٽ کائڻ بعد هوءَ بيماري ٿي وئي. اتي موجود ڊاڪٽرن کي سندس طبي حالت سمجهه ۾ نه آئي جڏهن ته پنٽو جي ڀيڻ ان واقعي بابت حيران رهجي وئي ۽ڪجهه ڪلاڪن بعد پنٽو فوت ٿي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.