وِديا بالن جي ڳجهي ڌيءَ ظاهر، اداڪارا جو ردعمل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا وديا بالن پنهنجي ڳجهي ڌيءَ هجڻ جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي.
ميڊيا رپورٽس موجب وديا بالن اهڙن افواهن تي ردعمل ڏنو آهي جيڪي هن ان وقت شروع ٿيا جڏهن ايئرپورٽ تي هن جي هڪ ننڍي ٻارڙيءَ سان گڏ وڊيو وائرل ٿي.
وڊيو جي ڪيپشن ۾ ٻارڙي کي وديا بالن جي ڌيءَ قرار ڏنو جنهن کان پوءِ هاڻي اداڪارا ان تي ردعمل ڏنو آهي.
رپورٽن موجب اداڪارا سان جڏهن رابطو ڪيو ويو ته هن چيو ته هوءَ منهنجي ڌيءَ نه پر ڀاڻيجي يعني ڀيڻ جي ڌيءَ آهي.
اداڪارا چيو ته منهنجي ڀيڻ جا جاڙا ٻار ايرا ۽ روحان آهن، مون سان گڏ ان وڊيو ۾ ايرا هئي جنهن کي سڀني منهنجي ڌيءَ چيو.
ٻي پاسي ڄاڻايل وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ واهپيدارن اڳڪٿيون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون هيون جڏهن ته ڪجهه واهپيدارن وديا کي ساراهيو ته هن سوشل ميڊيا جي هن جديد دور ۾ به پنهنجي ڌيءَ کي سڀني کان ڳجهو رکيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.