حاجين لاءِ خوشخبري، نگران وزيراعظم اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ مذهبي معاملن واري وزارت جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم کي وزارت جي ڪارڪردگي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي.
نگران وزيراعظم مذهبي معاملن واري وزارت کي حاجين لاءِ حج آسان ۽ سستو بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي، وزيراعظم کي حج جي حوالي سان قدمن ۽ حج پاليسي 2024 جي تياري تي اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويو.
انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته حاجين لاءِ حج آسان ۽ سستو بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، ان معاملي تي ڪا سوديبازي نه ڪئي ويندي.
هن هدايت ڪئي ته گهٽ خرچ ۾ بهترين سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي ۽ پرائيويٽ اسڪيم تحت پانڌيئڙن کي ڪنهن به قسم جون ڏکيائيون پيش نه اچن، حج پاليسي جلد کان جلد وفاقي ڪابينا کي منظوري لاءِ پيش ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.