غزا ۾ اسرائيل جون بدترين ڪارروائيون، پناهگيرن جي ڪئمپ تي به حملا، سوين فلسطيني شهيد

غزا (ويب ڊيسڪ) اسرائيل غزا جي مڪمل ناڪابندي ڪندي کاڌي پيتي جي شين، ٻارڻ سميت اهم ضروري شين جي فراهمي جو رستو روڪي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب اسرائيل جي بچاءَ واري وزير يووا گيلنٽ چيو ته غزا کي مڪمل طور تي بلاڪ ڪيو ويو آهي ۽ ٻارڻ ۽ خوراڪ سميت ٻين شين جي فراهمي تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
غزا جي صحت واري وزارت چيو ته پناهگيرن جي ڪئمپ تي اسرائيلي فضائي ڪارروائي ۾ ڪيترائي فلسطيني شهيد ٿي ويا، حماس طرفان ڇنڇر تي اسرائيل تي 5 هزار راڪيٽ فائر ڪرڻ کانپوءِ اسرائيل بدترين ڪارروائيون ڪيون آهن.
فلسطين جي صحت واري وزارت ٻڌايو ته غزا ۾ سومر ڏينهن شهيدن جو انگ وڌي 570 ٿي ويو، جڏهن ته 2 هزار 900 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.
اختيارين موجب اسرائيل غزا ۾ گڏيل قومن طرفان قائم ڪيل اسڪول کي به نشانو بڻايو آهي، جتي هزارين عام شهري موجود هئا، جن ۾ ٻار پڻ شامل هئا.
هوڏانهن گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ ويڙهه کانپوءِ غزا ۾ اٽڪل هڪ لک ٽيويهه هزار کان وڌيڪ ماڻهو گهرن کي نقصان پهچڻ سبب ۽ ڊپ سبب بي گهر ٿي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.