فلسطين – اسرائيل جنگ تي روس جو انتهائي اهم بيان سامهون اچي ويو

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) فلسطين ۽ اسرائيل ۾ جنگ تي روس جو اهم بيان سامهون اچي ويو.
روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف چيو آهي ته فلسطيني رياست جو قيام اسرائيل ۾ امن جو سڀ کان اعتماد جوڳو حل آهي ۽ رڳو ويڙهه سان سلامتي کي يقيني نٿو بڻائي سگهجي.
هن چيو ته هڪ فلسطيني رياست، جيڪا اسرائيل سان گڏ هوندي، تڪرار کي حل ڪرڻ جو سڀ کان اعتماد جوڳو رستو آهي.
سندس چوڻ هو اسان انهن ماڻهن سان اتفاق نٿا ڪري سگهون، جيڪي چون ٿا ته دهشتگردي خلاف جنگ ذريعي ئي سلامتي کي يقيني بڻائي سگهبو.
روسي پرڏيهي وزير چيو ته فلسطين مسئلي جي حل ۾ وڌيڪ دير نه ٿيڻ گهرجي، اسرائيل ۽ فلسطين جنگ تي آمريڪا ۽ اتحادين جو موقف سنگين سوالن کي جنگ ڏئي ٿو، آمريڪا ۽ اتحادين کي فوري طور جنگبندي جو مطالبو ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.