ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته قبله اول جي محافظن اسرائيل ۾ گهڙي مزاحمت جو عظيم داستان لکيو آهي، اسان سُتل امت کي جاڳائڻ تي کين سلام پيش ڪيون ٿا، مجاهدن قابضن ۽ ظالمن کي سبق سيکاري ڇڏيو ته زبردستي قبضو ڪنهن به صورت قبول ناهي.
ڪراچي ۾ گورنر هائوس ٻاهران ڌرڻي سان خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته سڄي ملڪ جو عوام بجلي، پيٽرول جي اگهن ۽ مهانگائي جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي، ڪنهن کي عوام جي پرواهه ناهي.
هن چيو ته جماعت اسلامي جي سڏ تي سڄي ملڪ ۾ پرامن احتجاج جاري آهي، مزاحمت ئي مسئلن جو حل ڪڍي سگهي ٿي، حماس جي مجاهدن ٻڌائي ڇڏيو ته سياسي مزاحمت ۽ بندوق ذريعي به مزاحمت ڪري سگهجي ٿي.
سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف جي چوڻ تي پگهاردار ماڻهن تي ٽيڪس لڳايو ويندو آهي پر جاگيردارن ۽ وڏيرن تي ٽيڪس ناهي لڳندو، اهي غريب عوام کي گهٽو ڏئي اسيمبلين ۾ ايندا آهن، ورلڊ بئنڪ جو نظام ۽ آءِ ايم ايف جي غلامي نه هلندي.
You might also like