قيدين جو انگ اسرائيلي وزيراعظم جي سوچ کان گهڻو مٿي آهي: حماس

غزا (ويب ڊيسڪ) فلسطين جي عسڪري تنظيم حماس جي اڳواڻ دعويٰ ڪئي آهي ته ڪارروائي دوران گرفتار ڪيل اسرائيلين جو انگ تمام گهڻو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب حماس جي عسڪري شاخ عزالدين القسام بريگيڊ جي ترجمان پيغام ۾ چيو ته حراست هيٺ اسرائيلين جو انگ اسرائيلي وزيراعظم جي بيان ڪيل انگ کان تمام گهڻو وڌيڪ آهي، جن کي غزا پٽي جي مختلف علائقن ۾ رکيو ويو آهي.
هن چيو ته آپريشن باقاعدي منصوبابندي سان ڪيو ويو، اسرائيلي علائقي ۾ داخلا ۽ ميزائل حملا به سوچيل سمجهيل ڪارروائي جو حصو هئا، ان آپريشن جا ڪيترائي نڪتا اسان جي منصوبابندي موجب هلي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.