”هي ملڪ اسان ٺاهيو آهي، اسان کان سڃاڻپ نٿي کسي سگهجي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته جاگيرداراڻو نظام ملڪ لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي، جيستائين اهو ختم نٿو ٿئي پاڪستان جو مقصد پورو نه ٿيندو.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خالد مقبول صديقي چيو ته پاڪستان بندوق جي نوڪ تي نه ووٽ جي زور تي ٺهيو آهي، اسان 1947 ۾ پنهنجي لاءِ پاڪستان کي چونڊيو هو، الله پاڪ اسان کي مهاجر جي سند ڏني آهي.
هن چيو ته جاگيرداراڻو نظام ملڪ لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي، جيستائين اهو نظام ختم نه ٿيندو پاڪستان جو مقصد پورو نه ٿيندو، اسان ڪنهن کان گهٽ پاڪستاني ناهيون، اسان پاڻ کي حب الوطني جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ وارا ناهيون.
سندس موجب اسان پاڪستان کي ٺاهڻ ۽ هلائڻ لاءِ آياسين، اسان هجرت ڪري آياسين ته هٿيار ۽ منشيات نه آندسين، اسان مسجدون تعمير ڪيون، مسجدن ۾ ڌماڪا نه ڪيا، اسان هي ملڪ ٺاهيو آهي، اسان کان سڃاڻپ نٿي کسي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.