ورلڊ ڪپ: ڪوهلي ۽ راهول جي زبردست بيٽنگ، ڀارت هٿان آسٽريليا کي 6 وڪيٽن تان شڪست

چئني (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي پنجين ميچ ۾ ڀارت آسٽريليا کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
چنئي ۾ آسٽريليا ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو ۽ سموري ٽيم 49.3 اوورن ۾ 199 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
آسٽريليا طرفان اسٽيون سمٿ 46، ڊيوڊ وارنر 41، مچل اسٽارڪ 28، لبوشين 27 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
ڀارت جي رويندرا جديجا 3، بمرا ۽ ڪلديپ 2-2، جڏهن ته سراج، پانڊيا ۽ ايشون هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ ڀارتي ٽيم ڏکيائين جو شڪار رهي ۽ ٻه رنسن تي ٽي وڪيٽون وڃائي ويٺي، ڪپتان روهت شرما، ايشان ڪشن ۽ شرياس ائير ٽئي کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿي ويا پر ان موقعي تي ويرات ڪوهلي ۽ ڪي ايل راهول ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ٽيم کي ڏکيائين مان ڪڍيو.
ويرات ڪوهلي 85 رنسن جي اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته راهول 97 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي.
ڀارت گهربل هدف 4 وڪيٽن جي نقصان تي 41.2 اوورن ۾ پورو ڪري ورتو.
آسٽريليا طرفان جوش هيزل ووڊ 3، مچل اسٽارڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.