هونڊا سي ڊي 70 سي سي پاڪستاني مارڪيٽ ۾ مقبول ترين موٽر سائيڪل آهي، ويجهي عرصي ۾ هونڊا ڪمپني طرفان پنهنجي موٽر سائيڪلن جي اگهن ۾ ڪيترائي ڀيرا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ نتيجي ۾ پاڪستانين جي پسنديده ترين موٽر سائيڪل جي قيمت ۾ وڏي واڌ ٿي وئي آهي.
هونڊا سي ڊي 70 سي اي هاڻ ٻن ماڊلز ”سي ڊي 70“ ۽ ”سي ڊي 70 ڊريم“ ۾ ايندي آهي، ڪيترائي ڀيرا واڌ کانپوءِ هاڻ سي ڊي 70 جي قيمت هڪ لک 57 هزار 900 رپيا ۽ سي ڊي 70 ڊريم جي قيمت هڪ لک 68 هزار رپين جي رڪارڊ ترين سطح تي پهچي چڪي آهي.
اها موٽر سائيڪل روايتي طور ڳاڙهي ۽ ڪاري رنگ ۾ ايندي آهي پر 2024 جي نئين ماڊل سان اها نيري رنگ ۾ به متعارف ڪرائي وئي آهي.
Next Post
You might also like