غزا (ويب ڊيسڪ) فلسطيني مزاحمتي تحريڪ حماس اسرائيل کي کليل ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته جيڪو فلسطينين سان ڪندئو، اسرائيلي قيدين سان به اهو ئي ٿيندو.
حماس جو آپريشن طوفان الاقصيٰ پنهنجي ڀرپور شدت سان ٻئي ڏينهن به جاري آهي.
ترجمان موجب اسان مسجد اقصيٰ جي بي حرمتي ۽ يهودي آبادڪارن جي جارحيت جي ردعمل ۾ آپريشن ڪندي ڪيترن ئي اسرائيلي فوجين کي يرغمال بڻايو آهي، جنهن کي سرنگهن ۽ محفوظ هنڌن تي رکيو ويو آهي.
آپريشن شروع ڪندڙ فلسطيني مزاحمتي تحريڪ حماس اسرائيل کي کليل ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته توهان جيڪو فلسطينين سان ڪندئو، اسان به توهان جي قيدين سان ائين ئي ڪنداسين.
Next Post
You might also like