حماس جي مجاهدن جنگ ۾ به ادب نه ڇڏيو، گذريل ڏينهن اسرائيل اندر گهڙي حملو ڪندڙ حماس جي سپاهين دشمن جي عورتن ۽ ٻارن سان سٺي ورتاءَ جو بي مثال مظاهرو ڪيو.
حماس جي اسرائيل تي حملي کانپوءِ ڪيتريون ئي وڊيوز سوشل ميڊيا تي سامهون اچي رهيون آهن، جن ۾ حماس جي اهلڪارن طرفان اسرائيلي عورتن سان سٺي ورتاءَ جي خبر پئجي رهي آهي.
فلسطيني سپاهين جي اسرائيلي ماءُ ۽ ٻارن کي آٿت ڏيڻ جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ حماس اهلڪار هڪ ماءُ کي تحفظ فراهم ڪندي نظر اچي رهيو آهي.
اهلڪار چئي ٿو ته ”انسانيت اسان وٽ آهي انهن وٽ ناهي، ڳڻتي نه ڪيو توهان کي ڪير ڇُهي به نٿو سگهي“.
حماس اهلڪار پنهنجي ساٿين کي چيو ”انهن کي ٻڌايو ته انسانيت اسان وٽ آهي“ ۽ عورت کي آٿت ڏيندي چيو ته ”گهٻرايو نه، ان جي حفاظت ڪيو، ان وٽ ٻار آهي، ان جا ٻار آهن“.
Prev Post
You might also like