ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڇنڇر ڏينهن فلسطين ۽ اسرائيل ۾ ٿيل ڇڪتاڻ سبب اسرائيل ۾ ڦاٿل بالي ووڊ اداڪارا نشرت ڀروچا حفاظت سان ممبئي پهچي وئي.
اداڪارا 39 هين حيفا انٽرنيشنل فلم فيسٽيول لا3 اسرائيل وئي هئي جنهن ۾ هن جي فلم اڪيلي کي چونڊيو ويو هو پر گذريل ڏينهن حماس جي اسرائيل تي حملي کان پوءِ بالي ووڊ اداڪارا اتي ئي ڦاسي پئي هئي.
اداڪارا جي ٽيم ميمبر ٻڌايو هو ته جڏهن آخري ڀيرو هن جي نشرت سان ڳالهه ٻولهه ٿي ته اها تهه خاني ۾ محفوظ هئي جنهن کان پوءِ نشر ڀروچا جو اسرائيل ۾ پنهنجي ٽيم سان رابطو ڪٽجي ويو هو.
پر ان کان پوءِ ڀروچا جي ٽيم اداڪارا سان رابطو ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي هئي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب نشرت ڀروچا جي ٽيم ميمبر ڀارتي ميڊيا کي ٻڌايو هو ته نشرت سان رابطو ٿي چڪو آهي ۽ هوءَ خيريت سان آهي، سفارتخاني جي مدد سان اداڪارا کي حفاظت سان وطن واپس آندو پيووڃي.
پر اڄ نشرت ڀروچا حفاظت سان ممبئي ايئرپورٽ تي پهچي وئي، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽس موجب اسرائيل کان ممبئي پهتل اداڪارا ايئرپورٽ تي صحافين سان ڳالهائڻ کان انڪار ڪيو.