ڇڪتاڻ واري صورتحال جو ذميوار اسرائيل آهي: ڪويت

ڪويت سٽي (ويب ڊيسڪ) ڪويت تازي ڇڪتاڻ واري صورتحال کي اسرائيل جي جارحاڻي عزمن ۽ ڀڃڪڙين جو نتيجو قرار ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڪويت جي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته ڇڪتاڻ واري تازي صورتحال اسرائيل جي جارحاڻي انداز ۽ ڀڃڪڙين جو نتيجو آهي، سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي برادري ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ قدم کڻي.
ڪويت عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته فلسطيني عوام جي تحفظ لاءِ فوري طور قدم کنيا وڃن ۽ اسرائيل تي مسجد الاقصيٰ جي مسلسل بي حرمتي ۽ يهودي آبادڪاري کي واڌ ڏيڻ جي پاليسين خلاف دٻاءُ وڌو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.