حماس جي ڪارروائي ۾ 600 کان وڌيڪ اسرائيلي مارجي ويا، سوين زخمي

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) فلسطيني مزاحمتي تحريڪ حماس جي اسرائيل تي حملن ۾ سينيئر فوجي ڪرنسل سميت مارجي ويل اسرائيلين جو انگ 600 کان وڌي ويو، جڏهن ته 15 سئو کان وڌيڪ زخمي آهن.
عرب ميڊيا موجب اسرائيلي فوج طرفان حماس جي حملن ۾ 200 اسرائيلين جي مارجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.
اسرائيلي اخبار ٻڌايو ته حماس سان جهڙپ ۾ سينيئر ترين اسرائيلي فوجي ڪرنل جوناٿن اسٽينسبرگ به مارجي ويو، جڏهن ته حماس طرفان سينيئر اسرائيلي ڪمانڊر ميجر جنرل نمرود الوني سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي يرغمال بڻائڻ ۽ اسرائيل تي 7 هزار کان وڌيڪ راڪيٽ فائر ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
فلسطين ۽ اسرائيل ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ ترڪيه، ڀارت ۽ آسٽريا جي ايئر لائنز سميت ڪيترين ئي ايئر لائنز اسرائيل لاءِ پنهنجون اڏامون معطل ڪري ڇڏيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.